مشرڪ به خالق الله کي مڃيندا آهن
(الزمر: ۳۸)
(٣٨) ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون هنن (منڪرن) کان پڇين ته ڪنهن آسمانن کي ۽ زمين کي خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته خدا انهن کي خلقيو آهي. کين چؤ ته پوءِ توهان انهن جي باري ۾ ڪو غور به ڪيو آهي، جن کي توهان الله تعاليٰ جي علاوه پڪاريندا آهيو؟ (اهو غور ڪيو اٿو ته) جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي تڪليف ڏيڻ چاهي ته اهي (معبود) سندس ڏنل تڪليف لاهي سگهندا؟ يا جيڪڏهن هو مون تي ڪا رحمت ڪرڻ چاهي ته، اهي سندس رحمت کي روڪي سگهندا؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته، منهنجي لاءِ الله تعاليٰ بلڪل ڪافي آهي، توڪل ڪرڻ وارا فقط الله تي توڪل ٿا ڪن (ڇو ته ٻيو ڪوبه اهڙو ڪونهي جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي.)