مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله ۽ رسول جي حڪم کي مڃو

قُلۡ اِنۡ کُنۡتُمۡ تُحِبُّوۡنَ اللّٰہَ فَاتَّبِعُوۡنِیۡ یُحۡبِبۡکُمُ اللّٰہُ وَ یَغۡفِرۡ لَکُمۡ ذُنُوۡبَکُمۡ ؕ وَ اللّٰہُ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۳۱﴾ قُلۡ اَطِیۡعُوا اللّٰہَ وَ الرَّسُوۡلَ ۚ فَاِنۡ تَوَلَّوۡا فَاِنَّ اللّٰہَ لَا یُحِبُّ الۡکٰفِرِیۡنَ ﴿۳۲﴾ (آل عمران: ۳۲، ۳۱)

(٣١) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، جيڪڏهن توهان سچ پچ الله سان محبت رکو ٿا ته پوءِ منهنجي پيروي ڪيو. (يعني جيڪي الله جا حڪم توهان کي ٻڌايان ٿو تن جي تعميل ڪيو، جيڪڏهن ائين ڪندؤ) ته الله به اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان جون خطائون معاف ڪندو، الله تعاليٰ وڏو بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (٣٢) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ۽ سندس رسول جي فرمابرداري ڪيو، پوءِ جيڪڏهن هو پٺي ڏين ۽ منهن موڙين (يعني فرمانبرداري نه ڪن) ته پوءِ الله تعاليٰ به ڪفر ڪرڻ وارن کي پسند نٿو ڪري.
****

وَ اَطِیۡعُوا اللّٰہَ وَ الرَّسُوۡلَ لَعَلَّکُمۡ تُرۡحَمُوۡنَ ﴿۱۳۲﴾ۚ (آل عمران: ۱۳۲)

(١٣٢) ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو، انهيءَ لاءِ ته الله جي رحمت جي لائق ٿيو.
****

وَ اَطِیۡعُوا اللّٰہَ وَ اَطِیۡعُوا الرَّسُوۡلَ ۚ فَاِنۡ تَوَلَّیۡتُمۡ فَاِنَّمَا عَلٰی رَسُوۡلِنَا الۡبَلٰغُ الۡمُبِیۡنُ ﴿۱۲﴾ اَللّٰہُ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ؕ وَ عَلَی اللّٰہِ فَلۡیَتَوَکَّلِ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ ﴿۱۳﴾ (التغابن:۱۳،۱۲)

(١٢) ۽ الله جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو حڪم مڃيو، پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته (ان ۾ اوهان جو پنهنجو ئي نقصان آهي) اسان جي رسول تي ته رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ جو ڪم آهي. (١٣) الله کان سواءِ ڪوبه عبادت ۽ فرمانبرداريءَ جي لائق نه آهي ۽ الله (جي قانونن جي محڪميت ۽ ٺوس هئڻ) تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.
****

وَ اَطِیۡعُوا اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ وَ لَا تَنَازَعُوۡا فَتَفۡشَلُوۡا وَ تَذۡہَبَ رِیۡحُکُمۡ وَ اصۡبِرُوۡا ؕ
اِنَّ اللّٰہَ مَعَ الصّٰبِرِیۡنَ ﴿ۚ۴۶﴾(الانفال: ۴۶)

(٤٦) ۽ الله ۽ سندس رسول جو چوڻ مڃو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو (بي اتفاقي نه ڪيو، هڪ ٿي وڃو) ائين ڪندؤ (يعني پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندؤ ۽ پاڻ ۾‍ ٻڌي نه ڪندؤ) ته توهان جون دليون هارجي وينديون ۽ اوهان جي طاقت هلي ويندي ۽ (مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾) صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪيو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي صبر ڪندڙ ۽ ثابت قدم رهندڙ آهن.