الله کانسواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريو
(٢) (ان قرآن جو اعلان ڇا آهي؟) اهو ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو. يقين رکو ته مان (رسول) سندس طرفان اوهان ڏانهن خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري پهچائڻ وارو آهيان.
****
وَ لَا تَجۡعَلۡ مَعَ اللّٰہِ اِلٰـہًا اٰخَرَ فَتُلۡقٰی فِیۡ جَہَنَّمَ مَلُوۡمًا مَّدۡحُوۡرًا ﴿۳۹﴾ (بني اسرائيل: ۳۹)
۽ (انهن سڀني ڳالهين جو بنياد هي آهي ته) الله سان گڏ ڪو ٻيو معبود نه ٺهرايو جو آخر دوزخ ۾ اڇلايا وڃو (اهڙيءَ حالت ۾ جو) ملامت ڪيل ۽ ڌڪاريل هجو.
****
وَ ہُوَ اللّٰہُ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ ؕ لَہُ الۡحَمۡدُ فِی الۡاُوۡلٰی وَ الۡاٰخِرَۃِ ۫ وَ لَہُ الۡحُکۡمُ
وَ اِلَیۡہِ تُرۡجَعُوۡنَ ﴿۷۰﴾ (القصص: ۷۰)
(٧٠) ۽ اهوئي (هڪ) الله آهي هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. اول توڙي آخر سڀ ساراهه فقط الله جي لاءِ آهي ۽ حڪم يا حڪومت رڳو سندس آهي. ۽ اوهان سڀني کي ڏانهس ئي موٽڻو آهي.