مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مال ۽ اولاد جي ڪري الله کان غافل نه ٿيو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تُلۡہِکُمۡ اَمۡوَالُکُمۡ وَ لَاۤ اَوۡلَادُکُمۡ عَنۡ ذِکۡرِ اللّٰہِ ۚ
وَ مَنۡ یَّفۡعَلۡ ذٰلِکَ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡخٰسِرُوۡنَ ﴿۹﴾ (المنافقون: ۹)

(٩) اي ايمان وارو! نه ڪي اوهان کي پنهنجي مال (وڌائڻ جي هٻڇ) ۽ ڪي اولاد (جي مستقبل حَسين بنائڻ جي اجائي بيقراري) الله جي ياد ڪرڻ ۽ فرمانبرداريءَ کان غافل ڪن ۽ جيڪي ائين ڪندا سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِنَّ مِنۡ اَزۡوَاجِکُمۡ وَ اَوۡلَادِکُمۡ عَدُوًّا لَّکُمۡ فَاحۡذَرُوۡہُمۡ ۚ وَ اِنۡ تَعۡفُوۡا وَ تَصۡفَحُوۡا وَ تَغۡفِرُوۡا فَاِنَّ اللّٰہَ غَفُوۡرٌ رَّحِیۡمٌ ﴿۱۴﴾ اِنَّمَاۤ اَمۡوَالُکُمۡ وَ اَوۡلَادُکُمۡ فِتۡنَۃٌ ؕ وَ اللّٰہُ عِنۡدَہٗۤ اَجۡرٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۵﴾ (التغابن: ۱۴، ۱۵)

(١٤) اي ايمان وارؤ! ڪي اوهان جون زالون ۽ اولاد (خدا جي فرمانبرداري واري نظام ۾ عملي شرڪت تي) اوهان جا دشمن آهن. پوءِ (انهن کي ساڳي انسانيت عامه جي فڪر تي وٺي اچو پر) انهن کان هوشيار رهو ۽ جيڪڏهن (ڪا اڙي ڪري وجهن ته کين) معاف ڪريو، مڙي وڃو ۽ بخش ڪريو ته الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (١٥) اوهان جا مال ۽ اولاد رڳو آزمائش آهن ۽ (اوهان خدائي قانونن تي هلي ان آزمائش ۾ پار پئو ته پوءِ) الله وٽ (پار پوڻ وارن لاءِ) وڏو اجر آهي.