روزي جي فرضيت
(١٨٣) اي مؤمنو! جهڙيءَ طرح اڳين ماڻهن تي روزا فرض ڪيا ويا هئا، تهڙيءَ طرح اوهان تي به فرض ڪيا ويا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان پاڻ تي ضابطو رکڻ ۽ براين کان بچڻ سکو. (١٨٤) ڳڻيل ڏينهن (روزا رکڻا آهن، گهڻا ڪونه آهن) جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار هجي ۽ سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن ۾ (رمضان جا) باقي روزا رکي عدد پورو ڪري ۽ جيڪي ماڻهو روزي جي تڪليف بلڪل برداشت ڪري نه سگهن (مثلاً نهايت پوڙها ماڻهو يا دائم المريض) اُهي روزي جي بدران هڪ مسڪين کي ماني کارائين، پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي خوشيءِ سان وڌيڪ مسڪينن کي کارائن ته هن جو اجر وڌيڪ ٿيندو پر جيڪڏهن سمجهه اٿوَ ته پوءِ سمجهي وٺو ته روزو رکڻ اوهان جي لاءِ بهتر آهي. (١٨٥) اهو رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن مجيد نازل ڪيو ويو. ان ۾ ماڻهن لاءِ هدايت جي واٽ ڏيکاريل آهي. هدايت جا روشن دليل ڏنل آهن، حق ۽ باطل الڳ الڳ ڪري ڏيکاريل آهن، پوءِ اوهان مان جيڪو به هن مبارڪ مهيني ۾ حاضر هجي اهو روزا رکي، ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته پوءِ رمضان بعد ٻين ڏينهن ۾ باقي روزا رکي عدد پورو ڪري. الله تعاليٰ توهان جي واسطي آساني ٿو چاهي نه ڪه تڪليف (روزن قضا ڪرڻ جو حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو آهي ته) روزن جو عدد پورو ڪري پوري برڪت حاصل ڪيو، الله تعاليٰ جا توهان کي سنئين واٽ ڏيکاري آهي، تنهن تي سندس وڏائي ۽ شان بيان ڪيو ۽ پڻ (سندس نعمتون چڱيءَ طرح ڪم آڻي) ان جي شڪر گذاري ڪيو. (١٨٦) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن منهنجو ڪو ٻانهو تو کان منهنجي به نسبت پڇي (ته ڪهڙيءَ طرح مون وٽ پهچي سگهي ٿو) ته تون کيس ٻڌاءِ ته مان ته کيس ويجهڙو آهيان، هو جڏهن مون کي سڏي ٿو تڏهن هن جو سڏ ٻڌان ٿو ۽ قبول ڪيان ٿو، پوءِ (جيڪڏهن هو سچ پچ منهنجي طلب رکن ٿا ته) کين گهرجي ته منهنجي سڏ جو جواب ڏين ۽ مون تي ايمان رکن انهيءَ لاءِ ته سنئين واٽ تي هلي ڪاميابي حاصل ڪن. (١٨٧) توهان جي لاءِ حلال آهي ته روزن جي ڏينهن ۾ رات جي وقت ڀلي پنهنجي عورتن سان همبستر ٿيو. هو اوهان جي لاءِ لباس آهن ۽ اوهان هنن جي لاءِ (يعني اوهان جي زندگي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ سينگار ۽ حفاظت آهيو) الله تعاليٰ کي معلوم آهي ته توهان (رات جو زالن سان همبستر ٿيڻ کي ناجائز سمجهي به لڪ ڇپ ۾ اهو ڪم ڪري) پنهنجي ضمير سان خيانت ڪري رهيا آهيو، پوءِ الله تعاليٰ توهان جي توبه قبول ڪئي ۽ اوهان جي خطا معاف ڪئي، هاڻي بيشڪ پنهنجي زالن سان رات جي وقت همبستر ٿيو ۽ جيڪي الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ جائز ٺهرايو آهي سو طلب ڪيو ۽ ماڻيو ۽ (رات جي وقت) بيشڪ کائو پيئو جيستائين صبح جي سفيد ڌار رات جي ڪاري ڌار کان نڪري نروار ٿئي (يعني پرڀات ٿي، تنهن کان اڳي کائڻ پيئڻ بند ڪيو) پوءِ (پرهه ڦٽيءَ کان وٺي) رات تائين يعني سج لهڻ تائين روزو پورو ڪيو. پر جيڪڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ڪري رهيا آهيو ته پوءِ (رات جو به) پنهنجي زالن سان همبستر نه ٿيو. اهي الله جون ٺهرايل حدون آهن، تنهن ڪري (انهن حدن کان ٻاهر وڃڻ لاءِ حدن کي رڳو ويجهو به نه وڃو. الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح پنهنجون هدايتون چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو خدا جي نافرمانيءَ کان بچن.