پنهنجي ۽ اهلِ ايمان جي لاءِ مغفرت گهرڻ
(١٩) پوءِ (اي پيغمبر) يقين ڄاڻ ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. ۽ پنهنجي تدبيري ڪوتاهين جي معافيءَ لاءِ دعا گهرندو رهه ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي لاءِ به (اهڙي دعا گهرندو رهه) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ کي توهان جي گهمڻ ڦرڻ جون جايون ۽ رهڻ ٽڪڻ جون جايون چڱيءَ طرح معلوم آهن.