جنت جي طرف سبقت ڪريو
وَ اللّٰہُ ذُو الۡفَضۡلِ الۡعَظِیۡمِ ﴿۲۱﴾ (الحديد: ۲۱)
(٢١) (سو اي مسلمانؤ!) پنهنجي پروردگار جي مغفرت ڏانهن ڊوڙڻ ۾ هڪ ٻئي کان اڳي نڪري وڃڻ جي ڪوشس ڪيو ۽ پڻ جنت ڏانهن ڊوڙڻ ۾ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي وڃو، جنهن جنت جي ويڪر ايڏي آهي جيڏو آسمان ۽ زمين. اها جنت انهن لاءِ تيار ڪيل آهي جيڪي الله ۾ ۽ سندس رسولن تي ايمان رکن ٿا (۽ سندن حڪمن تي عمل ڪن ٿا) اها (جنت) الله جو فضل آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي ڏيئي ٿو، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ وڏي فضل وارو آهي.