مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

نبي ﷺ ۽ مؤمنن کي اذيت نه پهچايو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَدۡخُلُوۡا بُیُوۡتَ النَّبِیِّ اِلَّاۤ اَنۡ یُّؤۡذَنَ لَکُمۡ اِلٰی طَعَامٍ غَیۡرَ نٰظِرِیۡنَ اِنٰىہُ ۙوَلٰکِنۡ اِذَا دُعِیۡتُمۡ فَادۡخُلُوۡا فَاِذَا طَعِمۡتُمۡ فَانۡتَشِرُوۡا وَ لَا مُسۡتَاۡنِسِیۡنَ لِحَدِیۡثٍ ؕ اِنَّ ذٰلِکُمۡ کَانَ یُؤۡذِی النَّبِیَّ فَیَسۡتَحۡیٖ مِنۡکُمۡ ۫ وَ اللّٰہُ لَا یَسۡتَحۡیٖ مِنَ الۡحَقِّ ؕوَ اِذَا سَاَلۡتُمُوۡہُنَّ مَتَاعًا فَسۡـَٔلُوۡہُنَّ مِنۡ وَّرَآءِ حِجَابٍ ؕ ذٰلِکُمۡ اَطۡہَرُ لِقُلُوۡبِکُمۡ وَ قُلُوۡبِہِنَّ ؕوَ مَا کَانَ لَکُمۡ اَنۡ تُؤۡذُوۡا رَسُوۡلَ اللّٰہِ وَ لَاۤ اَنۡ تَنۡکِحُوۡۤا اَزۡوَاجَہٗ مِنۡۢ بَعۡدِہٖۤ اَبَدًا ؕ اِنَّ ذٰلِکُمۡ کَانَ عِنۡدَ اللّٰہِ عَظِیۡمًا ﴿۵۳﴾ (الاحزاب: ۵۳)

(٥٣) اي مؤمنو! توهان نبي سڳوري جي گهرن ۾ تيستائين نه گهڙو جيستائين اوهان کي (موڪل گهرڻ بعد) موڪل ڏني وڃي (اگرچه اوهان کي ماني جي دعوت ڏنل هجي) ائين نه ٿئي جو اڳ ئي اچي ماني تيار ٿيڻ تائين ترسي ويهي رهو، پر جڏهن توهان کي (اندر اچڻ لاءِ) سڏيو وڃي تڏهن ڀلي اندر وڃو، پوءِ جڏهن ماني کائي رهو تڏهن اٿي هليا وڃو ۽ ڳالهين ٻولهين جي مزيداريءَ لاءِ ويهي نه رهو. اها ڳالهه نبي سڳوري کي تڪليف ٿي ڏئي پر هو حياءَ کان توهان کي ڪجهه نٿو چوي. مگر الله تعاليٰ حق چوڻ کان حياءَ نٿو ڪري ۽ (اي مؤمنو) جڏهن به توهان حرمن مبارڪن کان ڪا شيءِ گهرو تڏهن پردي جي پٺيان بيهي گهرو. ائين ڪرڻ سان اوهان جون دليون ۽ هنن جون دليون (خراب خيالن اچڻ کان) پاڪ رهنديون ۽ اوهان جي لاءِ مناسب ناهي ته توهان الله جي رسول کي (ڪنهن به قسم جي) تڪليف ڏيو. نڪي مناسب آهي ته توهان کانئس پوءِ سندس زالن سان ڪڏهن به نڪاح ڪيو. بيشڪ اها ڳالهه الله تعاليٰ جي نظر ۾ وڏي خراب آهي.
****

اِنَّ الَّذِیۡنَ یُؤۡذُوۡنَ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ لَعَنَہُمُ اللّٰہُ فِی الدُّنۡیَا وَ الۡاٰخِرَۃِ وَ اَعَدَّ لَہُمۡ عَذَابًا مُّہِیۡنًا ﴿۵۷﴾ وَ الَّذِیۡنَ یُؤۡذُوۡنَ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتِ بِغَیۡرِ مَا اکۡتَسَبُوۡا فَقَدِ احۡتَمَلُوۡا بُہۡتَانًا وَّ اِثۡمًا مُّبِیۡنًا ﴿٪۵۸﴾ (الاحزاب: ۵۷، ۵۸)

(٥٧) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسول کي ناراض ڪن ٿا تن تي الله تعاليٰ هن دنيا توڙي آخرت ۾ لعنت وجهي ڇڏي آهي، (يعني دنيا ۽ آخرت جي رحمتن ۽ نعمتن کان محروم رکيو آهي) ۽ هنن جي لاءِ خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. (٥٨) ۽ جيڪي ماڻهو مؤمنن کي ۽ مؤمنياڻين کي بنا سندن (گناهه يا ڏوهه) ڪرڻ جي (ناحق) ايذاءُ پهچائين ٿا ۽ تڪليفون ڏين ٿا سي وڏي بهتان ۽ چٽي پٽي گناهه جو بار پنهنجي سر تي کڻن ٿا.