مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

حج جي فرضيت

اِنَّ اَوَّلَ بَیۡتٍ وُّضِعَ لِلنَّاسِ لَلَّذِیۡ بِبَکَّۃَ مُبٰرَکًا وَّ ہُدًی لِّلۡعٰلَمِیۡنَ ﴿ۚ۹۶﴾ فِیۡہِ اٰیٰتٌۢ بَیِّنٰتٌ مَّقَامُ اِبۡرٰہِیۡمَ ۬ۚ وَ مَنۡ دَخَلَہٗ کَانَ اٰمِنًا ؕ وَ لِلّٰہِ عَلَی النَّاسِ حِجُّ الۡبَیۡتِ مَنِ اسۡتَطَاعَ اِلَیۡہِ سَبِیۡلًا ؕ وَ مَنۡ کَفَرَ فَاِنَّ اللّٰہَ غَنِیٌّ عَنِ الۡعٰلَمِیۡنَ ﴿۹۷﴾ (آل عمران: ۹۷،۹۶)

(٩٦) يقيناً پهريون پهريون گهر(عبادت گاهه) جو انسانن جي لاءِ ٺاهيو ويو، اهو اهوئي آهي جو مڪي معظم ۾ آهي، جو گهڻي برڪت وارو ۽ سڀني انسانن جي لاءِ هدايت جو مرڪز آهي. (٩٧) ان ۾ حق جون چٽيون نشانيون موجود آهن، (جن ان مان هڪ آهي اها) جاءِ جتي حضرت ابراهيم بيهي نماز پڙهي هئي. (مقام ابراهيم اڄ تائين موجود ۽ مشهور آهي. ٻي نشاني هيءَ آهي ته) جيڪو به ان جي حدن ۾ داخل ٿيو سو امن امان ۾ رهيو ۽ (هي به نشاني آهي ته) الله جي طرف کان ماڻهن لاءِ هي ڳالهه به ضروري مقرر ڪئي ويئي ته جيڪو به ان تائين پهچڻ جي طاقت سنڀاري سو ان گهر جو حج ڪري، پوءِ جيڪو به (هن حقيقت مڃڻ کان) انڪار ڪندو (سو پاڻ کي ئي گمراهه ڪري خساري هيٺ آڻيندو) بيشڪ الله تعاليٰ سڄي دنيا کان بي نياز ۽ بي پرواهه آهي. (ڪنهن جي به عبادت وغيره جو محتاج ناهي).