الله، رسول ۽ قرآن تي ايمان
(التغابن: ۸)
(٨) تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ۽ ان نور (قرآن) تي جو اسان (عقل جي رهنمائي لاءِ روشني ڪري) نازل ڪيو آهي، ايمان آڻيو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (جو سڀ ڪم ان جي مڪافات واري قانون جي نگاهه ۾ هوندا آهن).
****
قُوۡلُوۡۤا اٰمَنَّا بِاللّٰہِ وَ مَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡنَا وَ مَاۤ اُنۡزِلَ اِلٰۤی اِبۡرٰہٖمَ وَ اِسۡمٰعِیۡلَ وَ اِسۡحٰقَ وَ یَعۡقُوۡبَ وَ الۡاَسۡبَاطِ وَ مَاۤ اُوۡتِیَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰی وَ مَاۤ اُوۡتِیَ النَّبِیُّوۡنَ مِنۡ رَّبِّہِمۡ ۚ لَا نُفَرِّقُ بَیۡنَ اَحَدٍ مِّنۡہُمۡ ۫ۖ وَ نَحۡنُ لَہٗ مُسۡلِمُوۡنَ ﴿۱۳۶﴾ (البقره: ۱۳۶)
(١٣٦) (اي مسلمانو!) توهان چئو ته اسان ته الله تي ايمان آندو آهي ۽ قرآن مجيد تي ايمان آندو آهي جو اسان تي نازل ٿيو آهي ۽ انهيءَ سچي تعليم تي ايمان آندو آهي جا حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل، حضرت اسحاق حضرت يعقوب ۽ سندس اولاد تي نازل ٿي. اسان انهن ڪتابن تي به ايمان آندو آهي جي حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ تي نازل ٿيا ۽ انهن سڀني هدايتن تي ايمان آندو آهي، جي ٻين نبين کي سندن پروردگار وٽان مليون. اسان انهن نبين مان ڪنهن به هڪڙي کي جدا نه ٿا ڪيون (جو ان کي نه مڃون ۽ ٻين کي مڃيون. سڀني جي هدايت هڪ ئي هئي ۽ انهيءَ موجب) اسان فقط هڪ خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون.