مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

قتل ۽ خودڪشي نه ڪيو

وَ لَا تَقۡتُلُوۡۤا اَنۡفُسَکُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ کَانَ بِکُمۡ رَحِیۡمًا ﴿۲۹﴾ (النساء: ۲۹)

متان پنهنجي جانين کي برباد ڪري ڇڏيو. الله تعاليٰ توهان تي رحم ڪندڙ آهي.
****

وَ لَا تَقۡتُلُوا النَّفۡسَ الَّتِیۡ حَرَّمَ اللّٰہُ اِلَّا بِالۡحَقِّ ؕ وَ مَنۡ قُتِلَ مَظۡلُوۡمًا فَقَدۡ جَعَلۡنَا لِوَلِیِّہٖ سُلۡطٰنًا فَلَا یُسۡرِفۡ فِّی الۡقَتۡلِ ؕ اِنَّہٗ کَانَ مَنۡصُوۡرًا ﴿۳۳﴾ (بني اسرائيل: ۳۳)

(٣٣) ۽ ڪنهن به اهڙي شخص کي ناحق قتل نه ڪيو جنهن کي قتل ڪرڻ الله تعاليٰ حرام ٺهرايو آهي ۽ جيڪو به ظلم سان قتل ڪيو وڃي تنهن جي وارثن کي اسان (قصاص جي گهر ڪرڻ جو) اختيار ڏيئي ڇڏيو آهي، پر کيس گهرجي ته خونريزيءَ ۾ زيادتي نه ڪري (يعني حق کان وڌيڪ بدلو وٺڻ جو خيال نه ڪري) هو (حد جي اندر رهڻ ۾) مدد جو حقدار ٺهرايل آهي. (يعني کيس ٻين ماڻهن خواهه سرڪاري قانون جي مدد ٿي ملي.)
****

وَ الَّذِیۡنَ لَا یَدۡعُوۡنَ مَعَ اللّٰہِ اِلٰـہًا اٰخَرَ وَ لَا یَقۡتُلُوۡنَ النَّفۡسَ الَّتِیۡ حَرَّمَ اللّٰہُ اِلَّا بِالۡحَقِّ وَ لَا یَزۡنُوۡنَ ۚ وَ مَنۡ یَّفۡعَلۡ ذٰلِکَ یَلۡقَ اَثَامًا ﴿ۙ۶۸﴾ (الفرقان: ۶۸)

(٦٨) ۽ اهي (سچا بندا آهن) جيڪي خدا سان گڏ ٻين ديوتائن کي نٿا پڪارين، نڪي سواءِ حق جي ڪنهن به ساهدار (جانور يا ماڻهو) کي قتل ٿا ڪن جن کي قتل ڪرڻ خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو آهي، نڪي زنا ٿا ڪن. جيڪو به اهي (ئي) ڪم ڪري ٿو سو (نه رڳو) اهڙن (سخت) گناهن جي سزا ڀوڳيندو. (پر)