مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

الله کان سواءِ ٻئي جي بندگي نه ڪيو

مَا تَعۡبُدُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِہٖۤ اِلَّاۤ اَسۡمَآءً سَمَّیۡتُمُوۡہَاۤ اَنۡتُمۡ وَ اٰبَآؤُکُمۡ مَّاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ بِہَا مِنۡ سُلۡطٰنٍ ؕ اِنِ الۡحُکۡمُ اِلَّا لِلّٰہِ ؕ اَمَرَ اَلَّا تَعۡبُدُوۡۤا اِلَّاۤ اِیَّاہُ ؕ ذٰلِکَ الدِّیۡنُ الۡقَیِّمُ وَ لٰکِنَّ اَکۡثَرَ النَّاسِ لَا یَعۡلَمُوۡنَ ﴿۴۰﴾ (يوسف: ۴۰)
توهان ان (خدا) کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪيو تن جي حقيقت هن کان وڌيڪ ڇا آهي ته فقط ڪي نالا آهن جي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن. الله تعاليٰ انهن جي لاءِ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. حڪومت ته الله ئي جي لاءِ آهي. سندس فرمان هي آهي ته، سندس ئي بندگي ڪيو، ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪيو. اهوئي سنئون سڌو دين آهي، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (اها ڳالهه به) نٿا ڄاڻن.
****
اَمۡ لَہُمۡ شُرَکٰٓؤُا شَرَعُوۡا لَہُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا لَمۡ یَاۡذَنۡۢ بِہِ اللّٰہُ (الشوريٰ: ۲۱)
هنن کي اهڙا شريڪ آهن ڇا (جن کي هو خدا جي خدائي ۾ شريڪ ٿا سمجهن) جن هنن جي لاءِ دين جو اهو طريقو سيکاريو آهي جنهن جو الله تعاليٰ حڪم ڪونه ڏنو آهي.
****
وَ الَّذِیۡنَ یَدۡعُوۡنَ مِنۡ دُوۡنِ اللّٰہِ لَا یَخۡلُقُوۡنَ شَیۡئًا وَّ ہُمۡ یُخۡلَقُوۡنَ ﴿ؕ۲۰﴾ اَمۡوَاتٌ غَیۡرُ اَحۡیَآءٍ ۚ وَ مَا یَشۡعُرُوۡنَ ۙ اَیَّانَ یُبۡعَثُوۡنَ ﴿٪۲۱﴾ اِلٰـہُکُمۡ اِلٰہٌ وَّاحِدٌ (النحل: ۲۰، ۲۱، ۲۲)
۽ الله کان سواءِ جن هستين کي هي ماڻهو پڪارين ٿا سي ڪابه شيءِ پيدا ته ڪري نٿا سگهن پر پاڻ خود (ڪنهن جا) پيدا ڪيل آهن. (٢١) هو مئل مردا آهن نه جيئرا. کين اها به خبر ناهي ته ڪڏهن (موت بعد) اٿاريا ويندا. توهان جو معبود ته هڪ ئي معبود آهي (ان کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪونهي).