عدت جي ڏينهن ۾ عورت کي گهر کان نه ڪڍو
(١) اي نبي (مسلمانن کي چئو ته) جڏهن اوهين زالن کي طلاق ڏيو ته انهن کي سندن عدت (جي مناسبت) تي طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄو. انهن کي سندن گهرن مان (عدت جي مدت ۾) پڌري بيحيائي جي ڪم سرزد ٿيڻ کان سواءِ، ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اهي پاڻ ٻاهر نڪرن ۽ اهي الله جون حدون (۽ قانون) آهن، ۽ جيڪو الله جي حدن کان لگهندو ته ان (سان اڳلي کي به نقصان پهچندو ۽ ان) پنهنجي نفس تي (به) ظلم ڪيو، (ڇو ته) اهو نٿو ڄاڻي ته متان الله ان (طلاق ڏيڻ) کان پوءِ ڪا (ميلاپ جي) نئين ڳالهه پيدا ڪري.