طلاق ڏيڻ کان پوءِ مهر واپس وٺڻ جي منع وَ لَا یَحِلُّ لَکُمۡ اَنۡ تَاۡخُذُوۡا مِمَّاۤ اٰتَیۡتُمُوۡہُنَّ شَیۡئًا (البقره: ۲۲۹) توهان جي لاءِ جائز ناهي ته جيڪي توهان پنهنجي زالن کي (مهر ۽ ٻيون سوکڙيون، زيور، ڪپڙا وغيره) ڏيئي ڇڏيو آهي تنهن مان ڪجهه طلاق ڏيڻ وقت موٽائي وٺو.