جنت رڳو دعويٰ سان ڪو نه ملندي
وَ یَعۡلَمَ الصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۴۲﴾ (آل عمران: ۱۴۲)
(مسلمانو!) توهان ائين ٿا سمجهو ڇا ته (خالي ايمان جي دعوي ڪري) جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ (۽ ايمان ۽ عمل جي آزمائش ئي ڪانه ٿيندي؟) (اڃا ته اهڙو موقعو ئي) ڪونه آيو آهي جنهن سان الله تعاليٰ اوهان کي آزمائي ظاهر ڪري ڏيکاري ته ڪهڙا ماڻهو حق جي راهه ۾ پوري پوري ڪوشش ڪندڙ آهن ۽ ڪهڙا مشڪلاتن ۾ به ثابت قدم رهڻ وارا آهن.