خشيت الاهي جو بدلو
(٨) انهن جو بدلو سندن پاليندڙ وٽ رهڻ جا باغ آهن، جن جي هيٺان (مختلف مشروبن جا) واهه وهن ٿا. انهن ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان (پنهنجي قانون تي هلڻ جي ادا کان) راضي ٿيو ۽ اهي ان کان (واعدو ڪيل ڀلو صلو ملڻ تي سرها ۽) راضي ٿيا. اهو (واعدو) ان لاءِ آهي جو (جنهن جي دل تي) پنهنجي پاليندڙ (جي عظمت) جو خوف طاري ٿيو.