مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

محرمن کان سواءِ ٻئي لاءِ زينت ظاهر نه ڪريو

وَ قُلۡ لِّلۡمُؤۡمِنٰتِ یَغۡضُضۡنَ مِنۡ اَبۡصَارِہِنَّ وَ یَحۡفَظۡنَ فُرُوۡجَہُنَّ وَ لَا یُبۡدِیۡنَ زِیۡنَتَہُنَّ اِلَّا مَا ظَہَرَ مِنۡہَا وَ لۡیَضۡرِبۡنَ بِخُمُرِہِنَّ عَلٰی جُیُوۡبِہِنَّ ۪ وَ لَا یُبۡدِیۡنَ زِیۡنَتَہُنَّ اِلَّا لِبُعُوۡلَتِہِنَّ اَوۡ اٰبَآئِہِنَّ اَوۡ اٰبَآءِ بُعُوۡلَتِہِنَّ اَوۡ اَبۡنَآئِہِنَّ اَوۡ اَبۡنَآءِ بُعُوۡلَتِہِنَّ اَوۡ اِخۡوَانِہِنَّ اَوۡ بَنِیۡۤ اِخۡوَانِہِنَّ اَوۡ بَنِیۡۤ اَخَوٰتِہِنَّ اَوۡ نِسَآئِہِنَّ اَوۡ مَا مَلَکَتۡ اَیۡمَانُہُنَّ اَوِ التّٰبِعِیۡنَ غَیۡرِ اُولِی الۡاِرۡبَۃِ مِنَ الرِّجَالِ اَوِ الطِّفۡلِ الَّذِیۡنَ لَمۡ یَظۡہَرُوۡا عَلٰی عَوۡرٰتِ النِّسَآءِ ۪ وَ لَا یَضۡرِبۡنَ بِاَرۡجُلِہِنَّ لِیُعۡلَمَ مَا یُخۡفِیۡنَ مِنۡ زِیۡنَتِہِنَّ ؕ وَ تُوۡبُوۡۤا اِلَی اللّٰہِ جَمِیۡعًا اَیُّہَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ لَعَلَّکُمۡ تُفۡلِحُوۡنَ ﴿۳۱﴾ (النور: ۳۱)

(٣١) ۽ مؤمن عورتن کي به چئو ته، هو به پنهنجون اکيون هيٺ رکن (جڏهن ڪو ڌاريو مرد سامهون ايندڙ هجي) ۽ پنهنجي لڄ ۽ شرم جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار (ڌارين جي اڳيان) ظاهر نه ڪن، سواءِ ان جي جيڪي (رواجي طرح) ان مان ٻاهر رهندڙ آهي ۽ هيٺين (ذڪر ڪيل) ماڻهن کان سواءِ ٻين جي اڳيان پنهنجي سونهن ۽ هار سينگار ظاهر نه ڪن؛ سندن مڙس يا پيءُ، يا سهرو، يا سندن پٽ، يا سندن ٻانهيون، يا اهي خادم جيڪي انهيءَ خواهش کان گذر ڪري چڪا هجن يا اهي ٻار يا ڇوڪر جن کي اڃا عورتن جي پردي جي ڳالهين جي ڪابه خبر ڪانهي، (انهن جي اڳيان عورتون پنهجي زينت ظاهر ڪن ته گناهه ڪونهي) ۽ عورتن کي گهرجي ته (گهمڻ وقت) پنهنجا پير زمين تي اهڙو زور سان نه هڻن جو هنن جي لڪل زيورن جو ڇمڪو ٻڌڻ ۾ اچي. ۽ اي مؤمنؤ! (مکيه ڳالهه هي اٿؤ ته) توهان سڀ خدا ڏي موٽو (ٻيا خيال ڇڏي الله جي حڪمن موجب هلو) ته توهان هر طرح جي بهبودي ۽ بهتري حاصل ڪيو.