ڪفر ۽ ناشڪري نه ڪريو
(٧) (ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان بي شڪر ٿي ڪفر جي واٽ ٿا وٺو ته الله تعاليٰ کي توهان جي ڪابه پرواهه ناهي. (پر هو اهڙو رحم وارو آهي جو) پنهنجي ٻانهن جو ڪفر (۽ تباهي) کيس بلڪل پسند ناهي. پر جيڪڏهن توهان شڪرگذار آهيو (۽ سندس قرآن جو قدر ڪري ان تي عمل ٿا ڪيو) ته هو اوهان کان راضي ۽ خوش ٿو ٿئي ۽ (ياد رکو ته، توهان جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ۽ بدعمل ڪندؤ ته توهان جي عذاب جو بار ٻيو ڪوبه نه کڻندو ڇو ته) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار کڻي نٿو سگهي. (۽ ياد رکو ته) توهان کي پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي. پوءِ هو اوهان کي اوهان جي ئي عملن جي حقيقت ٻڌائيندو. يقيناً هو دلين ۾ لڪايل ڳالهيون به خوب ڄاڻي ٿو.