مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

چڱاين طرف سڏڻ ۽ مداين کان روڪڻ

کُنۡتُمۡ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخۡرِجَتۡ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ تَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ تُؤۡمِنُوۡنَ بِاللّٰہِ ؕ وَ لَوۡ اٰمَنَ اَہۡلُ الۡکِتٰبِ لَکَانَ خَیۡرًا لَّہُمۡ ؕ مِنۡہُمُ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ اَکۡثَرُہُمُ الۡفٰسِقُوۡنَ ﴿۱۱۰﴾ (آل عمران: ۱۱۰)
(١١٠) (اي مسلمانو) توهان سڀني امتن کان بهتر امت آهيو، جو توهان ماڻهن جي (سڌاري) لاءِ نڪري نروار ٿيا آهو ۽ توهان نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ وارا ۽ براين کان روڪڻ وارا آهيو ۽ الله تي (سچو) ايمان رکڻ وارا آهيو ۽ جيڪڏهن اهل ڪتاب به (مخالفت جي عيوض) ايمان آڻين ها ته سندن لاءِ وڏو فائدو ۽ چڱائي ٿئي ها (۽ هوئي جهان جي سڌاري جو ڪم ڪن ها) انهن ۾ اهڙا به آهن جي ايمان وارا آهن، پر وڏو تعداد انهن ماڻهن جو آهي جي بي فرمان ۽ حق جي راه کان ٻاهر ويندڙ آهن.
****
وَلۡتَکُنۡ مِّنۡکُمۡ اُمَّۃٌ یَّدۡعُوۡنَ اِلَی الۡخَیۡرِ وَ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ
عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۰۴﴾ (آل عمران: ۱۰۴)
(١٠٤) ۽ ڏسو تمام ضروري ڳالهه هيءَ آهي ته توهان ۾ هڪ جماعت (هرهڪ ڳوٺ ۽ هرهڪ محلي ۾) اهڙي هجي جا نيڪيءَ جي راهه جي دعوت ڏيندڙ هجي، نيڪ ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ براين کان روڪي يقيناً اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندا (دنيا ۾ توڙي آخرت ۾).
****
اَلَّذِیۡنَ اِنۡ مَّکَّنّٰہُمۡ فِی الۡاَرۡضِ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ وَ اَمَرُوۡا بِالۡمَعۡرُوۡفِ
وَ نَہَوۡا عَنِ الۡمُنۡکَرِ ؕ وَ لِلّٰہِ عَاقِبَۃُ الۡاُمُوۡرِ ﴿۴۱﴾ (الحج: ۴۱)
(٤١) اِهي (مظلوم مسلمان) اُهي آهن جن کي جيڪڏهن اسان زمين ۾ (يعني ملڪ ۾) طاقتور ڪنداسين (يعني سندن حڪومت ٿيندي) ته هو نماز (جو نظام) قائم ڪندا. زڪوات جو انتظام رکندا، نيڪين جو حڪم ڏيندا ۽ برائين کان روڪيندا، ۽ (ياد رکو ته) سڀني ڳالهين جي پچاڙي ۽ نتيجو الله تعاليٰ جي ئي هٿ ۾ آهي.
****
وَ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتُ بَعۡضُہُمۡ اَوۡلِیَآءُ بَعۡضٍ ۘ یَاۡمُرُوۡنَ بِالۡمَعۡرُوۡفِ وَ یَنۡہَوۡنَ عَنِ الۡمُنۡکَرِ وَ یُقِیۡمُوۡنَ الصَّلٰوۃَ وَ یُؤۡتُوۡنَ الزَّکٰوۃَ وَ یُطِیۡعُوۡنَ اللّٰہَ وَ رَسُوۡلَہٗ ؕ اُولٰٓئِکَ سَیَرۡحَمُہُمُ اللّٰہُ ؕ اِنَّ اللّٰہَ عَزِیۡزٌ حَکِیۡمٌ ﴿۷۱﴾ (التوبه: ۷۱)
(٧١) ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون سڀ هڪ ٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن. هو نيڪي جو حڪم ڏين ٿا، برائيءَ کان روڪين ٿا، نماز قائم رکن ٿا، زڪوٰت ڏين ٿا، ۽ (هر حال ۾) الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا. سو اهي ئي ماڻهو آهن جن تي جلد الله تعاليٰ رحمت ڪندو، يقيناً الله سڀني تي غالب ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.
****
اَتَاۡمُرُوۡنَ النَّاسَ بِالۡبِرِّ وَ تَنۡسَوۡنَ اَنۡفُسَکُمۡ وَ اَنۡتُمۡ تَتۡلُوۡنَ الۡکِتٰبَ ؕ
اَفَلَا تَعۡقِلُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (البقره: ۴۴)
(٤٤) ڇا توهان ٻين ماڻهن کي ته نيڪيءَ جو حڪم ڏيو ٿا، پر پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو (ته توهانجي عملن جو ڪهڙو حال آهي) حالانڪ خدا جو ڪتاب (تورات) پڙهندا رهو ٿا. ڇا (اهڙي صاف ڳالهه به) توهان سمجهي نٿا سگهو؟