عورتن جا ڏاڍ سان وارث نه بڻجو
(١٩) مؤمنؤ! توهان جي لاءِ هيءَ ڳالهه جائز ناهي ته عورتن کي (فوتيءَ جي) ميراث سمجهي (فوتيءَ جي مال سان گڏ) انهن تي زور سان قبضو ڪيو. نڪي اوهان کي ائين ڪرڻ گهرجي جو جيڪو (مهر يا مال متاع) انهن کي ڏنو هجيو ان مان ڪجهه کانئن وٺڻ لاءِ مٿن سختي ڪيو ۽ انهن کي روڪي ويهاريو. سواءِ ان حالت جي جڏهن هو ظاهر ظهور فاحش ڪم ڪندڙ هجن.