ماپ تور ۾ گهٽ وڌائي نه ڪيو
۽ ماڻهن کي سندن شيون (سندن حق کان) گهٽ نه ڏيو. ملڪ ۾ شرارت ۽ فساد نه پکيڙيندا وتو.
****
وَیۡلٌ لِّلۡمُطَفِّفِیۡنَ ۙ﴿۱﴾ الَّذِیۡنَ اِذَا اکۡتَالُوۡا عَلَی النَّاسِ یَسۡتَوۡفُوۡنَ ۫﴿ۖ۲﴾ وَ اِذَا
کَالُوۡہُمۡ اَوۡ وَّزَنُوۡہُمۡ یُخۡسِرُوۡنَ ﴿ؕ۳﴾ اَلَا یَظُنُّ اُولٰٓئِکَ اَنَّہُمۡ مَّبۡعُوۡثُوۡنَ ۙ﴿۴﴾ لِیَوۡمٍ عَظِیۡمٍۙ﴿۵﴾ یَّوۡمَ یَقُوۡمُ النَّاسُ لِرَبِّ الۡعٰلَمِیۡنَ ؕ﴿۶﴾ (المطففين: ۱ کان ۶)
(١) (ماپ ۽ تور ۾) گهٽ ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (٢) اهي (پئسي جا پوڄاري) جڏهن ماڻهن کان توري ماپي (شيون يا محنت) وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا. (٣) ۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري (۽ حساب يا مزدوري) ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا. (٤) ڇا اهي خيال نٿا ڪن ته انهن کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. (٥) انهيءَ (حساب ڪتاب واري) وڏي ڏينهن، (٦) جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو جهانن جي پاليندڙ جي اڳيان بيهندا.
****
وَ اِلٰی مَدۡیَنَ اَخَاہُمۡ شُعَیۡبًا ؕ قَالَ یٰقَوۡمِ اعۡبُدُوا اللّٰہَ مَا لَکُمۡ مِّنۡ اِلٰہٍ غَیۡرُہٗ ؕ قَدۡ جَآءَتۡکُمۡ بَیِّنَۃٌ مِّنۡ رَّبِّکُمۡ فَاَوۡفُوا الۡکَیۡلَ وَ الۡمِیۡزَانَ وَ لَا تَبۡخَسُوا النَّاسَ اَشۡیَآءَہُمۡ وَ لَا تُفۡسِدُوۡا فِی الۡاَرۡضِ بَعۡدَ اِصۡلَاحِہَا ؕ ذٰلِکُمۡ خَیۡرٌ لَّکُمۡ اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿ۚ۸۵﴾ (الاعراف: ۸۵)
(٨٥) ۽ الله تعالي! مدين وارن ڏي سندن ڀاءِ شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهنجي قوم! فقط الله جي بندگي ڪيو. ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه اوهان جو معبود ڪونهي (جنهن جي عبادت ڪيو) توهان وٽ توهان جي پروردگار جي طرف کان روشن دليل اچي چڪو آهي. سو آئينده توهان ماپ ۽ تور پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ ڪري نه ڏيو ۽ ملڪ ۾ صلح امن امان ۽ انتظام هئڻ بعد وري فساد نه پکيڙيو. توهان ۾ جيڪڏهن ايمان هجي ته ان ۾ (يعني مٿين حڪمن مڃڻ ۾) توهان جي لاءِ گهڻي چڱائي ۽ بهتري آهي.
****
اَلَّا تَطۡغَوۡا فِی الۡمِیۡزَانِ ﴿۸﴾ (الرحمٰن: ۸)
(٨) انهيءَ لاءِ ته توهان (انسان به سڀني دنيائي معاملن ۾ قانون، عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ کان ٻاهر نڪري نه وڃو.
****
وَ اَقِیۡمُوا الۡوَزۡنَ بِالۡقِسۡطِ وَ لَا تُخۡسِرُوا الۡمِیۡزَانَ ﴿۹﴾ (الرحمٰن: ۹)
(٩) ۽ (اي انسانو! هڪ ٻئي سان هلت ڪرڻ ۾) عدل ۽ انصاف جو وزن قائم رکو، ۽ (عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ ۾ گهٽتائي نه ڪيو.