مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪافرن سان دوستيءَ رکڻ کان منع

لَا یَتَّخِذِ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ الۡکٰفِرِیۡنَ اَوۡلِیَآءَ مِنۡ دُوۡنِ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ ۚ وَ مَنۡ یَّفۡعَلۡ ذٰلِکَ فَلَیۡسَ مِنَ اللّٰہِ فِیۡ شَیۡءٍ اِلَّاۤ اَنۡ تَتَّقُوۡا مِنۡہُمۡ تُقٰىۃً ؕ وَ یُحَذِّرُکُمُ اللّٰہُ نَفۡسَہٗ ؕ وَ اِلَی اللّٰہِ الۡمَصِیۡرُ ﴿۲۸﴾ (آل عمران: ۲۸)

(٢٨) ايمان وارن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي جو مؤمنن کي ڇڏي حق جي منڪرن کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بڻائين، جيڪو ائين ڪري ٿو سو ياد رکي ته پوءِ هن کي الله تعاليٰ وٽان ڪابه مدد ڪانه ملندي، پر جيڪڏهن اهڙي حالت پيش اچي وڃي جو هنن جي شرارت کان پاڻ بچائڻو پوي ته پوءِ ان حالت ۾ ائين ڪري سگهو ٿا. ياد رکو ته الله تعاليٰ به اوهان کي (پنهنجي پڪڙ ۽ سزا کان) خبردار ڪري رهيو آهي ۽ آخر ته توهان کي الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَتَّخِذُوۡا بِطَانَۃً مِّنۡ دُوۡنِکُمۡ (آل عمران: ۱۱۸)

(١١٨) مؤمنؤ! پنهنجن ماڻهن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو همراز ۽ حال محرم نه بنايو
****

فَلَا تَتَّخِذُوۡا مِنۡہُمۡ اَوۡلِیَآءَ حَتّٰی یُہَاجِرُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ ؕ فَاِنۡ تَوَلَّوۡا فَخُذُوۡہُمۡ وَ اقۡتُلُوۡہُمۡ حَیۡثُ وَجَدۡتُّمُوۡہُمۡ ۪ وَ لَا تَتَّخِذُوۡا مِنۡہُمۡ وَلِیًّا وَّ لَا نَصِیۡرًا ﴿ۙ۸۹﴾ (النساء: ۸۹)

پوءِ جيستائين اهي ماڻهو (مڪي جا منافق) الله جي راهه ۾ هجرت نه ڪن (۽ دشمنن کي ڇڏي توهان وٽ نه اچن) تيستائين توهان هنن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست ۽ مددگار نه بنايو، پر جيڪڏهن هو هجرت ڪرڻ قبول نه ڪن ته (جنگ جي حالت ۾ دشمنن جو ساٿي به دشمن آهي تنهن ڪري) جتي به کين ڏسو اتي کين گرفتار ڪيو يا قتل ڪيو ۽ انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست نه بنايو، نڪي پنهنجو مددگاربنايو.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَتَّخِذُوا الۡکٰفِرِیۡنَ اَوۡلِیَآءَ مِنۡ دُوۡنِ الۡمُؤۡمِنِیۡنَؕ اَتُرِیۡدُوۡنَ اَنۡ تَجۡعَلُوۡا لِلّٰہِ عَلَیۡکُمۡ سُلۡطٰنًا مُّبِیۡنًا ﴿۱۴۴﴾ (النساء: ۱۴۴)

(١٤٤) مؤمنؤ! متان مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي (جي توهان سان لڙائيءَ ۾ آهن ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا) پنهنجو دوست ۽ مددگار بنايو، ڇا توهان چاهيو ٿا ته خدا جو چٽو الزام پاڻ تي کڻو.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَتَّخِذُوا الۡیَہُوۡدَ وَ النَّصٰرٰۤی اَوۡلِیَآءَ ۘؔ بَعۡضُہُمۡ اَوۡلِیَآءُ بَعۡضٍ ؕ وَ مَنۡ یَّتَوَلَّہُمۡ مِّنۡکُمۡ فَاِنَّہٗ مِنۡہُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ لَا یَہۡدِی الۡقَوۡمَ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿۵۱﴾
(المائده: ۵۱)

(٥١) مؤمنؤ! يهودين ۽ عيسائين کي (جيڪي توهان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن) پنهنجو رفيق ۽ مددگار نه بنايو، هو (اوهان جي مخالفت ۾) هڪ ٻئي جا مددگار آهن ۽ (هاڻي) توهان مان جيڪو هنن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنائيندو سو انهن مان سمجهيو ويندو. الله تعاليٰ انهيءَ قوم کي (ڪاميابي ۽ سعادت) جي واٽ نٿو ڏيکاري جيڪا ظلم ڪندڙ آهي.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَتَّخِذُوا الَّذِیۡنَ اتَّخَذُوۡا دِیۡنَکُمۡ ہُزُوًا وَّ لَعِبًا مِّنَ الَّذِیۡنَ اُوۡتُوا الۡکِتٰبَ مِنۡ قَبۡلِکُمۡ وَ الۡکُفَّارَ اَوۡلِیَآءَ ۚ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۵۷﴾
(المائده: ۵۷)

(٥٧) مؤمنؤ! جن کي اوهان کان اڳ ۾ ڪتاب ڏنو ويو آهي (يهودين ۽ نصارن) ۽ (مڪي جي) ڪافرن مان جيڪي اوهان جي دين تي ٽوڪون مسخريون ڪري رهيا آهن، تن کي توهان پنهنجو رفيق ۽ مددگار نه بنايو ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، جيڪڏهن توهان سچ پچ ايمان وارا آهيو.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَتَّخِذُوۡۤا اٰبَآءَکُمۡ وَ اِخۡوَانَکُمۡ اَوۡلِیَآءَ اِنِ اسۡتَحَبُّوا الۡکُفۡرَ عَلَی الۡاِیۡمَانِ ؕ وَ مَنۡ یَّتَوَلَّہُمۡ مِّنۡکُمۡ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۲۳﴾ (التوبه: ۲۳)

(٢٣) اي مؤمنؤ! جيڪڏهن توهان جا پيئر ۽ توهان جا ڀائر ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر کي وڌيڪ پيارو رکن ته انهن کي پنهنجو رفيق ۽ ڪارساز نه بنايو ۽ جيڪڏهن اوهان مان جيڪو به انهن کي رفيق ۽ ڪارساز بنائيندو ته اهو اهڙن ماڻهن مان هوندو جيڪي (پاڻ تي) ظلم ڪرڻ وارا آهن.
****

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لَا تَتَّخِذُوۡا عَدُوِّیۡ وَ عَدُوَّکُمۡ اَوۡلِیَآءَ تُلۡقُوۡنَ اِلَیۡہِمۡ بِالۡمَوَدَّۃِ وَ قَدۡ کَفَرُوۡا بِمَا جَآءَکُمۡ مِّنَ الۡحَقِّ ۚ (المتحنه: ۱)

(١) ايمان وارؤ! اوهين منهنجن دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن (ڪافرن) کي دوست نه بنايو! اوهين انهن ڏي دوستيءَ جا پيغام موڪليو ٿا. هوڏانهن جيڪو حق اوهان وٽ آيو آهي، ان جو اهي انڪار ڪري چڪا آهن.
****

اِنۡ یَّثۡقَفُوۡکُمۡ یَکُوۡنُوۡا لَکُمۡ اَعۡدَآءً وَّ یَبۡسُطُوۡۤا اِلَیۡکُمۡ اَیۡدِیَہُمۡ وَ اَلۡسِنَتَہُمۡ بِالسُّوۡٓءِ وَ وَدُّوۡا لَوۡ تَکۡفُرُوۡنَ ؕ﴿۲﴾ (المتحنه: ۲)

(٢) جيڪڏهن اوهين انهن جي هٿ اچي ويندؤ ته (پوءِ ڏسندؤ ڪيئن) هو اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ اوهان ڏي بڇڙائيءَ سان پنهنجو هٿ ۽ زبانون ڊگهيون (ڪري هر قسم جون اذيتون) ڏيندا ۽ هي خواهش اٿن ته اوهين (دين کان منحرف ٿي وري) ڪافر ٿيو.
****

لَا یَنۡہٰىکُمُ اللّٰہُ عَنِ الَّذِیۡنَ لَمۡ یُقَاتِلُوۡکُمۡ فِی الدِّیۡنِ وَ لَمۡ یُخۡرِجُوۡکُمۡ مِّنۡ دِیَارِکُمۡ اَنۡ تَبَرُّوۡہُمۡ وَ تُقۡسِطُوۡۤا اِلَیۡہِمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ یُحِبُّ الۡمُقۡسِطِیۡنَ ﴿۸﴾ اِنَّمَا یَنۡہٰىکُمُ اللّٰہُ عَنِ الَّذِیۡنَ قٰتَلُوۡکُمۡ فِی الدِّیۡنِ وَ اَخۡرَجُوۡکُمۡ مِّنۡ دِیَارِکُمۡ وَ ظٰہَرُوۡا عَلٰۤی اِخۡرَاجِکُمۡ اَنۡ تَوَلَّوۡہُمۡ ۚ وَ مَنۡ یَّتَوَلَّہُمۡ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ ﴿۹﴾ (المتحنه: ۸، ۹)

(٨) الله اوهان کي انهن کان نٿو جهلي جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ته (انهيءَ صورت ۾) اوهين انهن سان ڀلائي ڪريو ۽ انهن سان انصاف جو معاملو ڪريو. بيشڪ الله ته انصاف وارن کي پيارو رکي ٿو. (٩) الله رڳو اوهان کي انهن کان جهلي ٿو جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ته (ان صورت ۾) اوهين انهن سان دوستي نه رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوست رکندا سي ئي (مسلمانن سان) زيادتي ڪندڙ آهن.