ظهار جو حڪم ۽ ڪفارو
(٢) جيڪي اوهان مان (نادانيءَ جي ڪري غصي ۾) پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، سو اهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون ٿين. سندن مائرون رڳيون اهي ئي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽ اهي بيهودي ڳالهه ۽ ڪوڙ چون ٿا (کين گهرجي ته ڪوڙ کان توبه ڪن) ۽ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻهار آهي. (٣) ۽ جيڪي پنهنجين پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، وري جيڪا (بيهودي ڳالهه) چئي اٿن ان کان (پشيمان ٿي پوئتي) موٽن ٿا (انهن تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي. هن (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي (ته پنهنجو پاڻ تي قابو رکڻ سکو) ۽ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي. (٤) پوءِ جو شخص (ٻانهون غلاميءَ ۾ڦاٿل) نه لهي ته (ان تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳولڳ ٻن مهينن جا روزا آهن. پوءِ جو (هي به) نه ڪري سگهي ته (ان تي) سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي. هي (حڪم) هن لاءِ آهي ته اوهين الله ۽ سندس رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن (جيڪو الله جي حدن جو ئي مورئون انڪار ڪندو ته اهو ڪافر آهي) ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.