مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

خدائي حڪمن کي اڻ ٻڌو نه ڪريو

وَ لَا تَکُوۡنُوۡا کَالَّذِیۡنَ قَالُوۡا سَمِعۡنَا وَ ہُمۡ لَا یَسۡمَعُوۡنَ ﴿۲۱﴾ اِنَّ شَرَّ الدَّوَآبِّ عِنۡدَ اللّٰہِ الصُّمُّ الۡبُکۡمُ الَّذِیۡنَ لَا یَعۡقِلُوۡنَ ﴿۲۲﴾ (الانفال: ۲۱، ۲۲)

(٢١) ۽ انهن ماڻهن (اهل ڪتاب) وانگر نه ٿيو، جن (زبان سان ته) چيو ته، اسان ٻڌو پر حقيقت هيءَ آهي ته هو ڪونه ٻڌندا هئا. (يعني نڪي غور ۽ فڪر ڪندا هئا، نڪي تعميل ڪندا هئا). (٢٢) يقيناً الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀني کان وڌيڪ خراب اهي (انسان) آهن جي ٻوڙا ۽ گونگا آهن جي ڪجهه به نٿا سمجهن.