مجلس جا ادب
(١١) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلس ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو، تڏهن (ضرورت جيتري) جاءِ ڪشادي ڪريو ته الله اوهان لاءِ ڪشادگي ڪندو. ۽ جڏهن به چيو وڃي ته (هتان وارا حڪم ٻڌي عمل ڪرڻ لاءِ) اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو. اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آهي (اهڙين جماعتي پابندين سان) الله تن جا درجا بلند ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي.