ايمان جي ضرورت ماڻهوءَ کي پاڻ آهي
حَتّٰی یَکُوۡنُوۡا مُؤۡمِنِیۡنَ ﴿۹۹﴾ (يونس: ۹۹)
۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته جيڪي به ماڻهو روءِ زمين تي آهن سي سڀ ايمان آڻين ها (۽ دنيا ۾ اعتقاد ۽ عمل جو اختلاف ڪونه هجي ها، پر تون ڏسين ٿو ته الله تعاليٰ ائين ڪونه چاهيو. سندس مشيت يا قانون ئي ائين ٿيو ته طرح طرح جون طبيعتون ۽ لياقتون ظهور ۾ اچن. پوءِ جيڪڏهن ماڻهو اسلام تي نه اچن ته) ڇا تون انهن تي زور آڻيندين ته جستائين ايمان نه آڻيندؤ تيستائين مان اوهان کي ڇڏڻ وارو ناهيان؟
****
وَ قُلِ الۡحَقُّ مِنۡ رَّبِّکُمۡ ۟ فَمَنۡ شَآءَ فَلۡیُؤۡمِنۡ وَّ مَنۡ شَآءَ فَلۡیَکۡفُرۡ (الڪهف: ۲۹)
۽ چئي ڏي ته سچائي اوهان جي رب جي طرف کان آهي. هاڻي جنهن کي وڻي سو مڃي، جنهن کي نه وڻي سو نه مڃي.