مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

اڻوڻندڙ شين جو صدقو نه ڪڍو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَنۡفِقُوۡا مِنۡ طَیِّبٰتِ مَا کَسَبۡتُمۡ وَ مِمَّاۤ اَخۡرَجۡنَا لَکُمۡ مِّنَ الۡاَرۡضِ ۪ وَ لَا تَیَمَّمُوا الۡخَبِیۡثَ مِنۡہُ تُنۡفِقُوۡنَ وَ لَسۡتُمۡ بِاٰخِذِیۡہِ اِلَّاۤ اَنۡ تُغۡمِضُوۡا فِیۡہِ ؕ وَ اعۡلَمُوۡۤا اَنَّ اللّٰہَ غَنِیٌّ حَمِیۡدٌ ﴿۲۶۷﴾ (البقره: ۲۶۷)

(٢٦٧) اي مؤمنو! جيڪي توهان ڪمايو ٿا ۽ جيڪي اسان توهان لاءِ زمين مان پيدا ڪيون ٿا انهن مان پاڪ ۽ چڱيون شيون خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو. ائين نه ڪيو جو ڪا ردي ۽ خراب شيءِ خدا جي نالي تي خيرات ڪيو، اهڙي شيءِ جيڪر اوهان کي ملي ته ڪڏهن به نه وٺو. پرڄاڻي ٻجهي اکيون بند ڪري وٺو ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي. ياد رکو ته الله تعاليٰ بي نياز ۽ سڀني چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي. (هن کي اوهان جي ڪنهن به شيءِ جو احتياج ڪونهي، چڱين شين جي خيرات ڪرڻ مان توهان کي سعادت ۽ نجات ملندي).