مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

خواهشن پرستن جون ڳالهيون نه مڃو

وَ لَا تُطِعۡ مَنۡ اَغۡفَلۡنَا قَلۡبَہٗ عَنۡ ذِکۡرِنَا وَ اتَّبَعَ ہَوٰىہُ وَ کَانَ اَمۡرُہٗ فُرُطًا ﴿۲۸﴾
(الڪهف: ۲۸)

جنهن ماڻهوءَ جي دل کي اسان پنهنجي يادگيريءَ کان غافل ڪري ڇڏيون (يعني اسان جي ٺهرايل قانون مطابق جنهن جي دل غافل ٿي ويئي) ۽ جيڪو پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳو، تنهن ماڻهوءَ جي ڳالهين تي ڪن نه ڏي. هنن جو معاملو حد کان ٻاهر نڪري ويو آهي.