قسم ٽوڙڻ جو ڪفارو
(المائده: ۸۹)
(٨٩) الله تعاليٰ اوهان کان انهن قسمن بابت پڇاڻو يا سختي نه ڪندو جي خالي بڪواس ۽ بي معنيٰ آهن، پر انهن بابت باز پرس ڪندو جي ڄاڻي ٻجهي کنيا اٿو، پوءِ (جيڪڏهن اهڙو قسم ٽوڙڻو پوي ته) ان جو ڪفارو (عيوضو) آهي ڏهن مسڪينن کي ماني کارائڻ درمياني ماني جهڙي پنهنجي ٻارن ٻچن کي کارايو ٿا، يا (ڏهن مسڪينن کي) ڪپڙا پهرائڻ يا هڪڙو غلام آزاد ڪرڻ ۽ جيڪڏهن (انهن ٽن مان) ڪابه حاصل ٿي نه سگهي ته پوءِ لاڳيتا ٽي ڏينهن روزا رکجن. اهو توهان جي قسمن جو ڪفارو آهي، جي توهان (ڄاڻي ٻجهي) کنيا آهن. پر توهان کي گهرجي ته پنهنجي قسمن جي پوري نگهباني ڪيو (جيئن ٽوڙڻا نه پون) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجون آيتون اوهان جي لاءِ چٽيون ڪري ٿو ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته شڪرگذار رهو (۽ سندس هدايتن جو قدر ڪري انهن تي عمل ڪيو.)