مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ايمان وارن جا طريقا ۽ نشانيون

وَ لِکُلِّ اُمَّۃٍ جَعَلۡنَا مَنۡسَکًا لِّیَذۡکُرُوا اسۡمَ اللّٰہِ عَلٰی مَا رَزَقَہُمۡ مِّنۡۢ بَہِیۡمَۃِ الۡاَنۡعَامِ ؕ فَاِلٰـہُکُمۡ اِلٰہٌ وَّ احِدٌ فَلَہٗۤ اَسۡلِمُوۡا ؕ وَ بَشِّرِ الۡمُخۡبِتِیۡنَ ﴿ۙ۳۴﴾ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللّٰہُ وَجِلَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ وَ الصّٰبِرِیۡنَ عَلٰی مَاۤ اَصَابَہُمۡ وَ الۡمُقِیۡمِی الصَّلٰوۃِ ۙ وَ مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ یُنۡفِقُوۡنَ ﴿۳۵﴾ وَ الۡبُدۡنَ جَعَلۡنٰہَا لَکُمۡ مِّنۡ شَعَآئِرِ اللّٰہِ لَکُمۡ فِیۡہَا خَیۡرٌ ٭ۖ فَاذۡکُرُوا اسۡمَ اللّٰہِ عَلَیۡہَا صَوَآفَّ ۚ فَاِذَا وَجَبَتۡ جُنُوۡبُہَا فَکُلُوۡا مِنۡہَا وَ اَطۡعِمُوا الۡقَانِعَ وَ الۡمُعۡتَرَّ ؕ کَذٰلِکَ سَخَّرۡنٰہَا لَکُمۡ لَعَلَّکُمۡ تَشۡکُرُوۡنَ ﴿۳۶﴾ (الحج: ۳۴ کان ۳۶)

(٣٤) ۽ (ڏسو) هرهڪ امت جي لاءِ اسان عبادت جو ڪوئي نه ڪوئي طريقو مقرر ڪيو هو. انهيءَ لاءِ ته انهن پاليل جانورن کي جي اسان رزق طور (کين) ڏنا آهن، ذبح ڪن ته الله جو نالو وٺن. پوءِ (ياد رکو ته) اوهان جو معبود اهوئي هڪڙو يگانو معبود آهي، ۽ (جيئن ته ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، انهيءَ ڪري اوهان کي گهرجي ته) فقط انهيءَ ئي جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪائي رکو. ۽ (اي پيغمبر!) نماڻائي ۽ نيازمندي رکندڙ ٻانهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) خوشخبري ڏيئي ڇڏ. (٣٥) انهن (حق جي نيازمندن) کي (به خوشخبري ڏيئي ڇڏ) جن وٽ جيڪڏهن الله جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي ته انهن جون دليون ڏڪي ٿيون وڃن. جيڪي هر قسم جي مصيبتن ۾ صبر ڪندڙ آهن، جيڪي نماز درست ڪري پڙهڻ ۾ ڪوشش ڪندڙ آهن، ۽ جيڪي انهيءَ رزق مان جو الله تعاليٰ کين ڏنو آهي، (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪندا ٿا رهن. (٣٦) ۽ (ڏسو، قربانيءَ جي انهن) اٺن کي (جن کي پري پري کان حج جي موقعي تي نيو وڃي ٿو) اسان انهن شين ۾ شمار ڪيو آهي، جي اوهان جي لاءِ الله جي (عبادت جي) نشانين مان آهن. انهن ۾ اوهان جي لاءِ وڏي چڱائي آهي. تنهن ڪري اوهان کي گهرجي ته انهن کي قطارن ۾ بيهاري ذبح ڪرڻ وقت الله جو نالو ياد ڪريو. پوءِ جڏهن هو ڪنهن به پاسي ته ڪري پون (يعني ڪسجي وڃن) تڏهن انهن جي گوشت مان پاڻ به کائو ۽ فقيرن ۽ زيارت ڪندڙ (حاجين) کي به کارايو. اهڙي طرح اسان انهن جانورن کي توهان جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو آهي، ته توهان (الله تعاليٰ جي نعمتن جا) شڪرگذار رهو.
****

وَ اذۡکُرِ اسۡمَ رَبِّکَ وَ تَبَتَّلۡ اِلَیۡہِ تَبۡتِیۡلًا ؕ﴿۸﴾ رَبُّ الۡمَشۡرِقِ وَ الۡمَغۡرِبِ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ فَاتَّخِذۡہُ وَکِیۡلًا ﴿۹﴾ وَ اصۡبِرۡ عَلٰی مَا یَقُوۡلُوۡنَ وَ اہۡجُرۡہُمۡ ہَجۡرًا جَمِیۡلًا ﴿۱۰﴾
(المزمل: ۸ کان ۱۰)

(٨) ۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو (۽ ان جون صفتون) اڳيان رک (توکي انهن صفتن کي معاشري ۾ عملي طرح نافذ ڪرڻو آهي) ۽ سڀني کان جدا ٿي ان جو ٿيءُ! (٩) (اهو) اڀرندي ۽ الهندي جو مالڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪارساز نه آهي، پوءِ تون (ڪوبه فڪر نه ڪر ۽) ان کي پنهنجن ڪمن بنائڻ وارو ڪري وٺ. (١٠) ۽ (ڪافر) جيڪي پيا چون تنهن (جو ڪوبه اثر نه وٺ ۽ ان) تي صبر ڪر ۽ کين چڱي وڙ سان ڇڏي ڏي.
****

ثُمَّ کَانَ مِنَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ وَ تَوَاصَوۡا بِالۡمَرۡحَمَۃِ ﴿ؕ۱۷﴾ (البلد: ۱۷)

(١٧) وري انهن ماڻهن مان ٿئي جن (الله جي پالڻهاريءَ وارن ٺوس قانونن تي) ايمان آندو ۽ هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي.
****

وَ الۡعَصۡرِ ۙ﴿۱﴾ اِنَّ الۡاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسۡرٍ ۙ﴿۲﴾ اِلَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ ٪﴿۳﴾ (العصر: ۱ کان ۳)

(١) زماني جو (هر) دور شاهد آهي، (٢) ته بيشڪ انسان (فرد جي حيثيت ۾ توڙي جماعت جي حيثيت ۾ پهنجي مقصدن ماڻڻ ۾) وڏي نقصان ۾ رهيو آهي. (٣) پر انهن ماڻهن کان سواءِ جن (خدا جي عطا ڪيل حياتيءَ جي طريقي کي مڃي) ايمان آندو ۽ (پوءِ ان طريقي مطابق) چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق (جي واٽ اختيار ڪرڻ) جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي (ان واٽ تي) ثابت قدم رهڻ جي نصيحت ڪئي.