نسب جا محرم رشتا
(23) هنن عورتن سان نڪاح ڪرڻ اوهان لاءِ حرام ٺهرايو ويو آهي، اوهان جون مائر، اوهان جون ڌيئر، اوهان جون ڀينر، اوهان جون پڦيون، اوهان جون ماسيون، اوهان جون ڀائٽيون، اوهان جون ڀاڻيجيون، اوهان کي ٿڃ پيارڻ واريون مائرون، ٿڃ واريون ڀينر، توهان جي زالن جون مائر، توهان جي زالن جي اڳين مڙسن جون ڌيئر جي توهان جي سنڀال هيٺ آيون آهن، جيڪڏهن توهان پنهنجي زالن سان همبستر ٿي چڪا آهيو، پر جيڪڏهن (نڪاح جو عقد ٻڌل آهي پر) زالن سان اڃا همسبتر نه ٿيا آهيو، پوءِ (انهن کي طلاق ڏيئي) انهن جي ڌيئرن کي نڪاح ۾ آڻيو ته اوهان تي گناهه ڪونهي، توهان جي حقيقي پٽن جون زالون (به اوهان کي حرام آهن) ۽ (پڻ هي ڳالهه به حرام ڪيل آهي ته هڪ ئي وقت ۾) ٻن ڀينرن کي نڪاح ۾ آڻيو. (هن حڪم جي نازل ٿيڻ کان) اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو، الله تعاليٰ بيشڪ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. (٢٤) ۽ اهي عورتون به (اوهان تي حرام آهن) جيڪي ٻين جي نڪاح ۾ هجن سواءِ انهن جي جيڪي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) اوهان جي قبضي ۾ آيون هجن (ڇو ته انهن جي اڳئين نڪاح متعلق تحقيقات ڪري نه ٿي سگهجي). هي الله جي طرف کان توهان جي لاءِ قانون مقرر ڪيو ويو آهي، جن عورتن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو تن کي ڇڏي ٻيون سڀ عورتون توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن. بشرطيڪ پاڪدامن رهڻ لاءِ نه شهوت پرستيءَ لاءِ. مهر وغيره ڏيئي (انهن سان نڪاح ڪيو) پوءِ جن عورتن سان توهان نڪاح جو فائدو ورتو آهي تن کي مقرر ڪيل مهر ڏئي ڇڏيو. ۽ مهر مقرر ڪرڻ بعد جيڪڏهن هڪ ٻئي جي رضامندي سان ڪا ڳالهه ٺهرايو (يعني زال مهر مان ڪجهه معاف ڪري ڇڏي) ته پوءِ ائين ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ توهان تي ڏوهه ڪونه رکيو ويندو. بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.