مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ناپاڪ شيون پاڪ شين جي برابر ناهن

قُلۡ لَّا یَسۡتَوِی الۡخَبِیۡثُ وَ الطَّیِّبُ وَ لَوۡ اَعۡجَبَکَ کَثۡرَۃُ الۡخَبِیۡثِ ۚ فَاتَّقُوا اللّٰہَ یٰۤاُولِی الۡاَلۡبَابِ لَعَلَّکُمۡ تُفۡلِحُوۡنَ ﴿۱۰۰﴾٪ (المائده: ۱۰۰)

(١٠٠) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، پاڪ شيون ۽ گنديون شيون هڪ ٻئي جي برابر ٿي نه ٿيون سگهن اگرچه اوهان کي گندي شيءِ جو گهڻو هئڻ پسند اچي. پوءِ اي سمجهه وارؤ! الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، انهيءَ لاءِ ته (نقصان ۽ تباهيءَ جي بدران) ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪيو.