ايماني ڀائپي ۽ پاڻ ۾ صلح صفائي
(الحجرات: ۹، ۱۰)
(٩) ۽ جيڪڏهن مؤمنن مان ڪي ٻه ڌريون پاڻ ۾ تڪراري هجن ته انهن جي وچ ۾ صلح ڪرائي ڇڏيو. پر جيڪڏهن انهن مان هڪڙي ڌر ٻئي ڌر تي زيادتي ۽ ظلم ڪري ته پوءِ انهيءَ ڌر سان لڙو ۽ مقابلو ڪيو، جيستائين خدا جي (يا عادل حاڪم جي) حڪم تي تعميل ڪري. پوءِ جيڪڏهن (عدل واري حڪم جي) تعميل ڪري ته پوءِ انهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ عدل سان صلح ۽ ٺاهه ڪري ڇڏيو ۽ (هميشه) انصاف ڪيو. يقيناً الله تعاليٰ انصاف ڪندڙن کي حب ٿو ڪري (۽ انصاف نه ڪندڙن تي لعنت ٿو ڪري). (١٠) يقيناً مؤمن سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن تنهن ڪري پنهنجي ڀائرن جي وچ ۾ (عدل سان) صلح ڪرائي ڇڏيو ۽ خدا کان ڊڄو (۽ خدا جي حڪمن تي هلو) انهيءَ لاءِ ته توهان تي رحم ڪيو وڃي.