قيامت کي اجايو چوندڙ گناهگار آهن
(١٢) هوڏانهن ان کي سڀ ڪنهن (ڏوهه ۾) حد کان لنگهندڙ گنهگار (ڏوهاري ذهنيت) کان سواءِ ٻيو ڪو ڪوڙو نٿو ڪري. (١٣) جو جڏهن ان (ڏوهاري) کي اسان جون آيتون (انساني فلاح ۽ سڌاري يا قومن جي عروج ۽ زوال جون تاريخي حقيقتون) پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته، هي (قدامت پرستيءَ جون) اڳوڻيون لکيل آکاڻيون آهن. (١٤) (کين چئو ته ڳالهه) ائين نه آهي پر (اصلي) ڳالهه هيءَ آهي ته، جيڪي (بڇڙا ڪم ۽ آواره گرديون) اهي ڪندا رهيا تن جي ڪٽ سندن دلين تي ڄمي ويئي آهي. (۽ هيئنر منجهن سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ئي نه رهي آهي.)