مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

احرام ۾ زميني ۽ پاڻيءَ جو شڪار ڪرڻ

اُحِلَّ لَکُمۡ صَیۡدُ الۡبَحۡرِ وَ طَعَامُہٗ مَتَاعًا لَّکُمۡ وَ لِلسَّیَّارَۃِ ۚ وَ حُرِّمَ عَلَیۡکُمۡ صَیۡدُ الۡبَرِّ مَا دُمۡتُمۡ حُرُمًا ؕ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ الَّذِیۡۤ اِلَیۡہِ تُحۡشَرُوۡنَ ﴿۹۶﴾ (المائده: ۹۶)

(٩٦) اوهان جي لاءِ درياهه ۽ سمنڊ جو شڪار ۽ کائڻ جون شيون (جي بنا شڪار جي هٿ اچن مثلاً مڇي، جا پاڻيءَ مان نڪري آيل هجي احرام جي حالت ۾ به) حلال آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان کي به فائدو پهچي ۽ قافلو به فائدو وٺي. پر خشڪيءَ جو شڪار تيستائين توهان جي لاءِ حرام آهي جيستائين احرام جي حالت ۾ آهيو. پوءِ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ڇو ته (آخر) انهيءَ ڏانهن اوهان کي جمع ڪري آندو ويندو.