لکت جو انڪار نه ڪرڻ
(البقره: ۲۸۲)
(٢٨٢) اي مؤمنو! جڏهن ڪنهن خاص مدي لاءِ اوڌر (پيسا يا ٻيو ڪجهه) ڏيو يا وٺو ته پوءِ ان کي لکپڙهه هيٺ آڻيو ۽ هڪڙو لکڻ وارو اوهان جي وچ ۾ هجي جو عدل ۽ ايمانداريءَ سان دستاويز لکي. لکي ڄاڻندڙ کي گهرجي ته لکڻ کان انڪار نه ڪري، ڇو ته الله تعاليٰ ئي هن کي لکڻ سيکاريو آهي، تنهن ڪري ضرور لکي.