الله جي مدد جو واعدو
(٩) اي مؤمنؤ! الله جي اوهان تي اها نعمت ۽ احسان ياد ڪيو جو جڏهن اوهان تي لشڪرن جا لشڪر چڙهائي ڪري آيا تڏهن اسان انهن (اوهان جي دشمنن) جي مٿان هڪڙو طوفان موڪليو ۽ اهڙا (پنهنجا) لشڪر (توهان جي مدد لاءِ) موڪلياسين جي توهان کي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيا. پر الله تعاليٰ سڀ ڪجهه چٽيءَ طرح ڏسي ٿو. جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا سي چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.