مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪعبي ڏانهن منهن ڪرڻ جو حڪم

وَ مِنۡ حَیۡثُ خَرَجۡتَ فَوَلِّ وَجۡہَکَ شَطۡرَ الۡمَسۡجِدِ الۡحَرَامِ ؕ وَ اِنَّہٗ لَلۡحَقُّ مِنۡ رَّبِّکَ ؕ وَ مَا اللّٰہُ بِغَافِلٍ عَمَّا تَعۡمَلُوۡنَ ﴿۱۴۹﴾ وَ مِنۡ حَیۡثُ خَرَجۡتَ فَوَلِّ وَجۡہَکَ شَطۡرَ الۡمَسۡجِدِ الۡحَرَامِ ؕ وَ حَیۡثُ مَا کُنۡتُمۡ فَوَلُّوۡا وُجُوۡہَکُمۡ شَطۡرَہٗ ۙ لِئَلَّا یَکُوۡنَ لِلنَّاسِ عَلَیۡکُمۡ حُجَّۃٌ ٭ۙ اِلَّا الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا مِنۡہُمۡ ٭ فَلَا تَخۡشَوۡہُمۡ وَ اخۡشَوۡنِیۡ ٭ وَ لِاُتِمَّ نِعۡمَتِیۡ عَلَیۡکُمۡ وَ لَعَلَّکُمۡ تَہۡتَدُوۡنَ ﴿۱۵۰﴾ ۙۛ(البقره: ۱۵۰،۱۴۹)
(١٤٩) ۽ (اي پيغمبر!) توهان ڪٿان به نڪرو ۽ ڪٿي به هجو ته (نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڪيو ۽ يقين ڪيو ته هيءُ حڪم اوهان جي پروردگار وٽان حق جو امر آهي ۽ يقين سان ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان جي عملن کان غافل هرگز ناهي. (١٥٠) ۽ ڏسو توهان ڪٿان به نڪرو ۽ ڪٿي به هجو ته (نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڪيو ۽ (اي مسلمانو توهان ڪٿي به هجو ته نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڦيرايو. (قبلي جي مقرري تي هيترو تاڪيد جو ڪيو ويو آهي سو) انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي اوهان جي خلاف ڪوبه دليل نه رهي (۽ سڀني کي هيءَ حقيقت چٽيءَ طرح معلوم ٿي وڃي ته حضرت ابراهيم عليه السلام جو عبادتگاهه توهان جي لاءِ قبلو مقرر ٿي ويو) پر انهن ماڻهن جيڪي ظالم آهن سي ته ڪنهن به حالت ۾ مخالفت ڪندا. پوءِ انهن کان بلڪل نه ڊڄو، فقط مون کان ڊڄو ۽ اهو (حڪم قبلي وارو) هن لاءِ پڻ ڏنو ويو آهي ته مان (الله تعاليٰ) اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيان ۽ پڻ انهيءَ لاءِ ته توهان سڌيءَ راهه تي هلو.