مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ڪافرن کان نه ڊڄو

فَلَا تَخۡشَوۡہُمۡ وَ اخۡشَوۡنِیۡ ٭ (البقره: ۱۵۰)

پوءِ انهن کان بلڪل نه ڊڄو، فقط مون کان ڊڄو
****

اِنَّمَا ذٰلِکُمُ الشَّیۡطٰنُ یُخَوِّفُ اَوۡلِیَآءَہٗ ۪ فَلَا تَخَافُوۡہُمۡ وَ خَافُوۡنِ اِنۡ
کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۱۷۵﴾ (آل عمران: ۱۷۵)

(١٧٥) (۽ هيءَ جو دشمنن جي ڇاڙتي توهان کي وڏي لشڪر جي ڪوڙي خبر ٻڌائي ڊيڄارڻ ٿي چاهو) اهو شيطان هو جنهن پنهنجي ساٿين بابت توهان کي ڊيڄارڻ ٿي چاهيو، پر جيڪڏهن توهان سچ پچ سچا مؤمن آهيو ته شيطان جي ساٿين کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو.
****

اَلَیۡسَ اللّٰہُ بِکَافٍ عَبۡدَہٗ ؕ (الزمر: ۳۶)

(٣٦) ڇا الله تعاليٰ پهنجي ٻانهي (جي مدد ڪرڻ) لاءِ ڪافي ناهي؟
****

فَلَا تَخۡشَوُا النَّاسَ وَ اخۡشَوۡنِ وَ لَا تَشۡتَرُوۡا بِاٰیٰتِیۡ ثَمَنًا قَلِیۡلًا ؕ وَ مَنۡ لَّمۡ یَحۡکُمۡ بِمَاۤ اَنۡزَلَ اللّٰہُ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡکٰفِرُوۡنَ ﴿۴۴﴾ (المائده: ۴۴)

پوءِ (اي يهودين جي جماعت وارؤ! حق جي تابعداري ڪرڻ ۾) ماڻهن کان نه ڊڄو. مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن کي (دنيائي فائدي جي) ٿورڙي بَها تي وڪڻي نه ڇڏيو. (ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن، جي ڪافر آهن.