طلاق کي مذاق نه بڻايو
(البقره: ۲۳۱)
ائين نه ڪيو جو الله جي حڪمن کي کيل تماشو بنائي ڇڏيو (اڄ نڪاح ڪيو سڀاڻي طلاق ڏني) پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪيو. الله تعاليٰ ڪتاب ۽ حڪمت مان جو ڪجهه نازل ڪيو آهي ۽ جنهن سان اوهان کي چڱيون نصيحتون ڏئي ٿو (سي ڪڏهن نه وسارجو) ۽ الله کان ڊڄو ۽ پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله تعاليٰ کي هر شيءِ جو علم آهي.