سهپ ۽ رواداري جو حڪم
(٩٤) مؤمنؤ! جڏهن توهان الله جي راهه ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرو تڏهن (توهان کي گهرجي ته جن ماڻهن سان مقابلو هجي تن بابت) چڱيءَ طرح تحقيقات ڪريو (ته اهي دشمنن مان آهن يا دوستن مان) ۽ جيڪو به توهان کي سلام ڪري (۽ پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪري) تنهن کي ائين نه چئو ته تون مؤمن نه آهين (اسان توسان وڙهنداسين) ڇا توهان دنيا ۽ دولت جا طلبگار آهيو؟ (جو چاهيو ٿا ته جيڪو به ملي تنهن سان وڙهي ڦرلٽ ڪري مال دولت هٿ ڪيون) (توهان کي خبر ناهي ڇا ته) الله وٽ توهان جي لاءِ وڏيون (جائز) نعمتون موجود آهن، (ظلم جي روش ڇو ٿا وٺو؟) اوهان جي حالت به اڳي اهڙي هئي. پوءِ الله تعاليٰ اوهان تي احسان ڪيو (جو توهان کي هدايت به نصيب ٿي ۽ قومي زور به حاصل ڪيو) تنهن ڪري توهان ضرور تحقيقات ڪريو (۽ فقط دشمنن جو مقابلو ڪيو) بيشڪ الله تعاليٰ توهان جي عملن جي خبر رکندڙ آهي.