ڍَڪ ۽ حجاب جو حڪم
(الاحزاب: ۵۹)
(٥٩) اي نبي پنهنجي زالن، ڌيئرن ۽ مؤمنن جي عورتن کي چئو ته (ٻاهر نڪرڻ وقت) پنهنجي چادرن سان ٻُڪر هڻن. اهڙيءَ طرح ڪنديون ته هو آسانيءَ سان سڃاتيون وينديون. (ته ڪي شريف مؤمنياڻيون آهن، پوءِ هنن سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪانه ڪئي ويندي) ۽ کين ڪا تڪليف نه ڏني ويندي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.