مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

تقويٰ، ايمان ۽ عمل صالح جون برڪتون

لَیۡسَ عَلَی الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جُنَاحٌ فِیۡمَا طَعِمُوۡۤا اِذَا مَا اتَّقَوۡا وَّ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ثُمَّ اتَّقَوۡا وَّ اٰمَنُوۡا ثُمَّ اتَّقَوۡا وَّ اَحۡسَنُوۡا ؕ وَ اللّٰہُ یُحِبُّ الۡمُحۡسِنِیۡنَ ﴿٪۹۳﴾ (المائده: ۹۳)

(٩٣) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون انهن (حرام ٿيڻ جي حڪم کان اڳي) جيڪي (حرام شيون) کاڌيون تن بنسبت مٿن گناهه ڪونهي، جڏهن ته هو (آئنده جي لاءِ) پرهيزگار ٿيا، ايمان آندائون ۽ صالح عمل ڪيائيون ۽ جڏهن ڪنهن ڳالهه کان کين روڪيو ويو ته رڪجي پيا ۽ (الله جي حڪم تي) ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون، پوءِ به پرهيز ڪندا رهيا ۽ چڱايون ڪيائون (پوءِ بيشڪ هو صالح عمل ڪندڙ آهن) ۽ الله تعاليٰ چڱايون ڪندڙن کي حب ٿو ڪري.