شعائرالله، قرباني ۽ حاجين جي بي حرمتي نه ڪريو
(٢) مؤمنو! خدا جي شعائرن جي (يعني خدا پرستي جي مقرر ڪيل نشانين ۽ رسمن جي) بي حرمتي نه ڪريو، نڪي انهن مهينن جي (بي حرمتي ڪريو) جي حرمت جا مهينا آهن (ذي قعد،ذي الحج، محرم ۽ رجب مهينن ۾ جنگ ڪرڻ جائز ناهي ڇو ته انهن مهينن ۾ حاجين جي آمدرفت رهندي هئي) نڪي (حَج جي) قرباني جي (بيحرمتي ڪريو) ۽ نه انهن جانورن جي جن جي ڳچين ۾ (نشانيءَ طور) ڪنڍيون پاتل آهن ۽ پڻ انهن ماڻهن جي (بي حرمتي نه ڪيو، نڪي کين روڪيو نڪي نقصان پهچايو) جي بيت الحرام جو قصد ڪن ٿا ۽ پنهنجي پروردگار جو فضل ۽ راضپو ڳولين ٿا، ۽ جڏهن توهان احرام جي حالت کان ٻاهر اچو تڏهن شڪار ڀلي ڪيو.