مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

مرتد ٿي وڃڻ جي سزا

وَ لَا یَزَالُوۡنَ یُقَاتِلُوۡنَکُمۡ حَتّٰی یَرُدُّوۡکُمۡ عَنۡ دِیۡنِکُمۡ اِنِ اسۡتَطَاعُوۡا ؕ وَ مَنۡ یَّرۡتَدِدۡ مِنۡکُمۡ عَنۡ دِیۡنِہٖ فَیَمُتۡ وَ ہُوَ کَافِرٌ فَاُولٰٓئِکَ حَبِطَتۡ اَعۡمَالُہُمۡ فِی الدُّنۡیَا وَ الۡاٰخِرَۃِ ۚ وَ اُولٰٓئِکَ اَصۡحٰبُ النَّارِ ۚ ہُمۡ فِیۡہَا خٰلِدُوۡنَ ﴿۲۱۷﴾ (البقره: ۲۱۷)

۽ (ياد رکو) ته هي ماڻهو توهان سان لڙائي ڪندا رهندا جيستائين (جيڪڏهن ٿي سگهي) توهان کي توهان جي دين کان ڦيرائي ڇڏين، پر توهان مان جيڪو شخص پنهنجي دين کان ڦري ويندو ۽ ڪفر جي حالت ۾ مري ويندو ته پوءِ ياد رکو ته هن جو شمار انهن ماڻهن ۾ ٿيندو جن جا عمل دنيا خواهه آخرت ۾ ضايع ٿي ويا. اهڙا ماڻهو دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ جي عذاب ۾ هوندا.