پنج وقتي نمازون ۽ تهجد
(٧٨) (اي پيغمبر!) نماز قائم ڪر. سج لڙڻ کان وٺي رات جي اونداهيءَ تائين (يعني ظهر، عصر، مغرب ۽ عشا جي وقتن ۾) پڻ صبح جو قرآن پڙهڻ (خاص طرح) ڏٺو وڃي ٿو. (يعني الله تعاليٰ خاص طرح صبح جي نماز ڏسي ٿو ۽ ان جو فائدو وڌيڪ ملي ٿو.) (٧٩) ۽ (اي پيغمبر!) رات جو ڪجهه حصو (يعني پويون پهر) سجاڳيءَ ۾ گذار. اهو تنهنجي لاءِ زياده عمل آهي. ممڪن آهي ته جلد الله توکي اهڙي درجي تي پهچائي ڇڏيندو جو نهايت ساراهيل ۽ پسند پيل درجو هوندو.