خبر جي تحقيق ڪرڻ جو حڪم
(٦) اي مؤمنؤ! جيڪڏهن ڪوبه بدڪار (۽ بي فرمان) ماڻهو توهان وٽ ڪا خبر آڻي ته پهريائين تحقيقات ڪيو (يعني جانچ جونچ ڪري ڏسو ته سچي آهي يا ڪوڙي، انهيءَ لاءِ ته متان ڪوڙي ڳالهه تي عمل ڪري) توهان اڻ ڄاڻائيءَ جي حالت ۾ ڪن ماڻهن کي تڪليف ۽ نقصان نه پهچايو ۽ پوءِ پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿيو.