مذهب

احڪام القرآن

هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جي محڪمات جون چونڊ آيتون سهيڙي ترجمي سميت پڙهندڙن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن ته جيئن قرآن جي ٻڌايل جائز ۽ ناجائز، حلال ۽ حرام ڪرڻ واريون ڳالهيون ۽ منع ٿيل ڳالهيون پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچن ۽ جنهن سان اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ قرآن جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جو ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهون.
Title Cover of book احڪام القرآن

ظاهري ۽ لڪل گناهن کان بچو

وَ ذَرُوۡا ظَاہِرَ الۡاِثۡمِ وَ بَاطِنَہٗ ؕ اِنَّ الَّذِیۡنَ یَکۡسِبُوۡنَ الۡاِثۡمَ سَیُجۡزَوۡنَ بِمَا
کَانُوۡا یَقۡتَرِفُوۡنَ ﴿۱۲۰﴾ (الانعام: ۱۲۰)

(١٢٠) ۽ (ڏسو) ظاهري گناهه هجي توڙي لڪل گناهه هجي، هر حال ۾ گناهه جون ڳالهيون ۽ عمل ترڪ ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو گناهه ڪمائين ٿا سي (ماڻهن کان کڻي ڪيترو به لڪائين پر) جيڪي به ڪن ٿا تنهن جو بدلو ضرور کين ملندو.