جادو سکڻ ۽ ڪرڻ ڪفر جي واٽ آهي
(١٠٢) ۽ هو ان (جادوءَ) جي پٺيان لڳي پيا جو حضرت سليمان (عليه السلام) جي بادشاهيءَ جي زماني ۾ شيطان (يعني شرير ماڻهو) پڙهندا هئا، پر حضرت سليمان عليه السلام ڪڏهن به اهو ڪفر جو ڪم نه ڪيو (جادو نه سيکاريو) مگر انهن ئي شيطانن جو ڪفر هئو جو ماڻهن کي جادوگري سيکاريندا هئا، نڪي اهو جادو بابل ۾ هاروت ۽ ماروت مَلڪن تي نازل ٿيو هو. حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي به هو سيکاريندا هئا سو هيئن چوڻ کان سواءِ نه سيکاريندا هئا ته يقيناً اسان اوهان جي لاءِ فتنو (آزمائش) آهيون. پوءِ توهان ڪفر جو ڪم نه ڪيو، پر تنهن هوندي به ماڻهو شيطانن کان اهڙا ڪم سکندا هئا جن جي وسيلي مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جدائي وجهڻ گهرندا هئا پر هو ڪنهن به انسان کي نقصان پهچائي ڪونه سگهندا هئا، پر خدا جي حڪم سان هونئن ئي ڪنهن کي نقصان پهچڻو هوندو ته پوءِ اهو پهچندو. ۽ اهي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون سکن ٿا جي هنن کي نقصان ٿيون پهچائين نه فائدو. هنن کي خبر به آهي ته جيڪو به (پنهنجو دين ايمان وڪڻي) جادوگري خريد ڪندو تنهن کي آخرت جي ڀلاين مان ڪجهه به نه ملندو. ڪهڙي نه خراب شيءِ (خسيس مفادن) جي واسطي هنن پنهنجا ضمير ۽ نفس وڪڻي ڇڏيا. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو اها حقيقت ڄاڻن ها. (١٠٣) جيڪڏهن اهي ماڻهو (خدا جي حڪمن تي) ايمان آڻين ها ۽ نافرماني کان بچن ها ته هنن کي الله وٽان بهتر اجر ملي ها. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو اها حقيقت ڄاڻن ها!