رسول الله ﷺ تي ايمان
(١٧٠) اي (سڀئي) انسانو! بيشڪ الرسول (پيغمبر اسلام) اوهان جي پروردگار جي طرف کان سچائي کڻي اوهان ڏي آيو آهي. تنهن ڪري توهان مٿس ايمان آڻيو جو (ان ۾) اوهان جي ئي لاءِ بهتري آهي، پر جيڪڏهن توهان انڪار ڪندؤ ته پوءِ آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ الله ئي جي لاءِ آهي (توهان جو انڪار ۽ ظلم توهان کي ئي نقصان پهچائيندو) ۽ (ياد رکو ته) الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.